سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي

سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي: 1894ع ۾ سڀ کان پهرين ۽ جھوني سنڌي ناٽڪ منڊلي ’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچورس ڊراميٽڪ سوسائٽي ڪراچي‘ ليکي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ ’سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي‘ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ لڳ ڀڳ پنجويهن سالن تائين ناٽڪ پيش ڪندي رهي. هيءَ ناٽڪ منڊلي تنهن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال بادشاهه جي اُدم جي جفاڪشيءَ جو نتيجو هئي. هيءَ ناٽڪ منڊلي ويهن سالن تائين حيدرآباد ۾ هر سال ٽي ناٽڪ رچائيندي هئي، جتي ٻن راتين ۾ نئون ناٽڪ ۽ وچين رات جو گذريل سال وارو ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هـن ناٽڪ منڊليءَ پـهـريــون ناٽڪ ڄيٺانند کلـڻـداس ڀريـاڻيءَ جو لکيل ’نل دمينتيپيش ڪيو، پوءِ ناٽڪ منڊليءَ جي مکيه ليکڪ ليلارام وطڻ مل جا مشهور ناٽڪ جهڙوڪ: هرشچندر موهن، تارڪا، سورجن راڌا، رامائڻ، دروپدي، شاهه عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا پيش ڪيا. اهڙيءَ ريت هن ناٽڪ منڊليءَ مرزا قليچ بيگ جا به ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ناٽڪ ڇپايا ۽ پيش ڪيا، جن ۾ مشهور ناٽڪ شڪنتلا، لوڀي ۽ ٺوڳي، انڪوائري آفيسر، حسنا دلدار، نيم طبيب خطره جان- نيم ملا خطره ايمان، شاهه ايليا، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، فيروز دل افروز، شمشاد مرحبانه، گشت ڪي ڪشت، پرهيز جي ٽولي، شهريار شهر بانو، بدر منير ۽ بينظير، شيرين فرهاد ۽ شهزادو بهرام شامل آهن. ان کانسواءِ هن ناٽڪ منڊليءَ ڏيئومل گاگنمل جو ناٽڪ رام بنواس، شيوا سنگهه اجواڻيءَ جو ڪشت، ڀيرومل مهر چند جو حرص جو شڪار، وطڻ مل جو ’نشائين جي نصيحت‘ ۽ ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جو ’سنگ جو پرسنگ‘ ناٽڪ پڻ رچايا ويا. هن ناٽڪ منڊليءَ جا مشهور هداتيڪار ڪنول سنگهه ملڪاڻي ۽ هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي هئا، جڏهن ته معروف اداڪارن ۾ درگداس آڏواڻي، هيرانند سنتوش ڪمار (وڪيل)، سجاننگر جڳتياڻي، ڪنول سنگهه ملڪاڻي، بجا سنگهه آڏواڻي، حشمتراءِ لوڪ سنگهه، ڄيٺمل موتيرام لعلواڻي، خوشيرام ساڌواڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام، جوتسنگهه آڏواڻي، ٽيئون مل (پرمانند ميوارام جو ننڍو ڀاءُ)، موتيرام گدواڻي، موهن شاهاڻي، وشنو هيراننداڻي، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، ڏيئل مل لعلواڻي، تيجو مل شاهاڻي، لعلچند امر ڏنو مل، پهلاجراءِ ڪرپالاڻي، جھمٽ مل ڀاوناڻـي، مـوتــي جھانگياڻـي، گيـانچند ٿـڌاڻـي، دريانـو مل سدارنگاڻي، ڌرمداس ڇٻلاڻي، ڀاڳ سنگ آڏواڻي ۽ منگھارام ملڪاڻي وغيره شامل آهن. هن ناٽڪ منڊليءَ جو قائم ٿيڻ کان لڳاتار پنجويهن سالن تائين اوج رهيو، پر پوءِ ڏهن ٻارهن سالن تائين ناٽڪ نه ڏيکاريا ويا. ان کان گھڻو پوءِ 1925ع ۾ ڪاليج جي سالياني جلسي ۾ خانچند درياڻيءَ جو ننڍو ناٽڪ ’سچي سڪ‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو هدايتڪار ڪاليج جو پرنسپال ۽ مشهور اديب منگھارام ملڪاڻي هو، جڏهن ته اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا. تنهن کانپوءِ ڪاليج جي پرنسپال تيجو مل شاهاڻيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي منگھارام ملڪاڻيءَ 1928ع ۾ سنڌ ڪاليج جي نئين ناٽڪ منڊليءَ پاران ’مومل منڙا‘ ناٽڪ رچايو. هن ناٽڪ جو هدايتڪار منگھارام ملڪاڻي هو ۽ مکيه اداڪارن ۾ مڪند لال، موتي جڳتياڻي، چندن مير چنداڻي ۽ ڪشنو جڳتياڻي هئا. هن نئين ناٽڪ منڊليءَ جي قائم ٿيڻ کان ٽيهه سال پوءِ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج جي پرنسپال شهاڻيءَ جي رٽائر ٿيڻ واري جلسي تي شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ تان ورتل ڪهاڻي ’دلسوز داستان‘ نالي سان پيش ڪئي وئي. هن ناٽڪ جي هدايتڪاري خود ليکڪ منگھارام ملڪاڻي ڪئي، جڏهن ته ڪاليج جي شاگردن اداڪاري ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو